سنڌ مسلم

سنڌ مسلم

سنڌ مسلم2

سنڌ مسلم (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار محمد قاسم محمد هاشم مستوئي بلوچ جي ادارت ۾ نوابشاهه مان نڪرندي هئي. جيڪا نمبر 816 تحت رجسٽر ٿيل هئي. هن اخبار ۾ سياسي خبرن سان گڏ، سماجي براين، ڪامورڪي ۽ جاگيرداري ڏاڍ خلاف ليک ڇپيا ويندا هئا. ڪيترن ئي مسلم ليگي اڳواڻن جا مضمون پڻ شايع ٿيندا هئا. هي اخبار 6 صفحن تي مشتمل هوندي هئي. اخبار جو ايڊيٽر محمد قاسم محمد هاشم مستوئي (بلوچ) هو. 4 آگسٽ 1937ع واري پرچي مطابق اخبار جي قيمت هڪ آنو هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو